اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمن تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ قوم بڻائڻ جي مقصد کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان شعور اجاگر ڪن، محفوظ ۽ روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي اسان جي ٻارن جو حق آهي، پوليو جي خلاف مهم ۾ عالمي ادارن جي تعاون کي ??اراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پوليو جي خاتمي بابت قومي علماءِ ڪانفرنس کي ??اص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نگران وزيراعظم جو مذهب?? هم آهنگي بابت خصوصي نمائندو طاهر اشرفي ۽ مختلف مڪتبه ??ڪر جي عالمن ??و وڏو انگ پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم چيو ته قرآن ۽ حديث اسان جي رهنمائي جو بهترين ذريعو آهن، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اسان کي ??جتماعي فيصلا ڪرڻا آهن. هن مختلف مڪتبه ??ڪر جي عالمن جي پوليو جي خاتمي جي مهم جي معاملي تي اجتماع کي ??وش آئنده قرار ڏيندي چيو ته خواهش آهي ته عالم سمورن قومي مسئلن جي حوالي سان ائين کي گڏ ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته عالمن جي اتفاق سان ئي عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ٿيندو. هن چيو ته ٻارن جي روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي انهن جو حق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان خوش قسمت آهيون جو پنهنجي ٻارن جي زندگي جو تحفظ ڪري سگهون ٿا، غزه ۾ ٻارن جو اجتماعي قتل عام ٿي رهيو آهي، جيڪو انسانيت جي لاءِ ??ڪر جو لمحو آهي. مسلمان ڪنهن مذهب يا ان جي پيروڪار کان نفرت نه ٿا ڪن ۽ سدائين انصاف جي لاءِ اٿي بيهن ٿا. نگران وزيراعظم پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي ??يرشرعي سمجهڻ کي ??دقسمتي قرار ڏيندي چيو ته عالم اهڙن عنصرن جي خلاف اٿي بيهن، بنا تحقيق جي پوليو جي ڦڙن جي حوالي سان ڪوڙ نه ڦهلايو وڃي. عالم اهڙن ماڻهن جو محاسبو ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته مسلمان معقول رويو اختيار ڪرڻ وارو هوندو آهي، نامعقول روين جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، قرآن مجيد ۾ تحقيق کانسواءِ ڪنهن ڳالهه کي ڦهلائڻ کان منع فرمايو ويو آهي. نگران وزيراعظم علماءِ حق تي زور ڏنو ته اهي علماءِ سو آڏو اٿي بيهن، معاشري جي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ رهنمائي ڪن ۽ حق ۽ سچ کي ??امهون آڻين. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ واري گڏيل قومن جي پروگرام، بل گيٽس ۽ عالمي ادارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهي ادارا اسان جي ٻارن جي صحت ۽ روشن مستقبل جي لاءِ جيڪا معاونت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن ان جو اعتراف ن?? ڪرڻ بدديانتي هوندي ڇو ته پوليو اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ خطرو آهي. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جي مذهب?? هم آهنگي واري خصوصي نمائندي ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين طاهر اشرفي چيو ته عالمن اهم قومي مسئلن تي سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، عالمن جو هي اجتماع پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان متفق آهي، پوليو ويڪسين ۾ ڪا غيرشرعي ۽ نقصانڪار شيءَ نه آهي ۽ ان جو استعمال جائز آهي. هن چيو ته شريعت انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪئي آهي، عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪن ٿا. صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم هي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ عالمن جو انتهائي اهم ڪردار آهي، هن پوليو جي خاتمي جي مهم جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏيارڻ تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمن جا ٿورا مڃيا. صحت واري نگران وفاقي وزير چيو ته عالمن جي شموليت سان پوليو جي خاتمي جي مهم وڌيڪ موثر ٿيندي. هن چيو ته پوليو وائرس جي موجودگي جي ڪري پاڪستان کي ??المي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن. هن پوليو ورڪرز کي پڻ ساراهيو جيڪي مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. صحت واري سيڪريٽري افتخار شلواڻي چيو ته عالم پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٻار اسان جو قومي اثاثو آهن، انهن جي حفاظت اسان جو فرض آهي.
متعلقہ مضامین
-
AJK launches polio eradication drive
-
Sindh govt mandates fitness certificate for all heavy vehicles
-
Kashmir’s future: Chaudhry Shujaat calls for US focus on regional stability
-
India summons US envoy on decision to sell F-16 jets to Pakistan
-
PM Nawaz accepts resignation of Shujaat Azeem
-
Completion of Islamabad International Airport by Dec 25
-
Two suspects arrested in murder case
-
HAI project to grow vegetables at Tharparkar meets amazing success
-
Lucky Cat Official Game Platform تفریح اور جیتنے کا بہترین پلیٹ فارم
-
الیکٹرانک سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
بزرگ خواتین کی عظمت اور معاشرے میں ان کا کردار
-
فائٹنگ کاک انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ لنک کی دنیا میں نئے رجحانات